اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڊان نيوز جي اڳوڻي ايڊيٽر ۽ سينئر صحافي ضياءُ الدين جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪ??دي چيو آهي ته ضياءُ الدين جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو پهتو، مرحوم هڪ باصلاحيت ۽ آزاد صحافي هو. پن??نج?? تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته ضياءُ الدين مرحوم جي شخصيت ۾ ديانت ?? دليري شامل هئي، مرحوم جي صحافت جي شعبي ۾ خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. هن دعا جي الله تعاليٰ مرحوم کي پن??نج?? رحمت ۾ جڳهه ڏي ۽ پوئينرن کي صبر عطاءُ فرمائي.