اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ ٺوس حڪومت قائم ڪرڻ جي لاءِ هن طالبان سان ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون ??هن?? ٺوس حڪومت پرامن ?? مستحڪم افغانستان جي ضامن هوندي جيڪا رڳو افغانستان ئي نه پ?? خطي جي به مفاد ۾ آهي. هن اها ڳالهه ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽس ۾ چئي آهي. وزيراعظم چيو ته دوشنبي ۾ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتن خاص طور تي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان ڊگهي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ هن هڪ شموليتي حڪومت جي لاءِ تاجڪ، هزاره ۽ ازبڪ برادري جي افغان حڪومت ۾ شموليت جي لاءِ طالبان سان ڳالهين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم چيو ته 40 سالن جي ويڙهه کانپوءِ (انهن ڌ??ن جي اقتدار ۾) شموليت هڪ پرامن ?? مستحڪم افغانستان جي ضامن هوندي جيڪا رڳو افغانستان ئي نه پ?? خطي جي به مفاد ۾ آهي.