لاهور – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته پنجاب ۾ انتظامي ڍانچي کي وڌيڪ موثر ۽ عوام کي کاڌي پيتي جي شين جي گهٽ قيمت تي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ٿاڻن تائين عوام جي پُهچ ۽ انهن جي شڪايتن جي فوري ازالي ??اء?? جامع طريقيڪار جوڙيو وڃي، پوليس سياسي وابستگي کان مٿانهون ٿي ڪري عوام جي خدمت ۽ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائي. هن اها ڳالهه هتي انتظامي ڍانچي جي بهتري جي حوالي سان کنيل قدمن جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل ۽ آءِ جي پنجاب سردار علي خان شرڪت ڪئي. پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل وزيراعظم عمران خان کي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پنجاب جي انتظامي فيصلن ۾ شفافيت ۽ ميرٽ کي نظر ۾ رکيو ويندو، مهانگائي ??ي ضابطو آڻڻ ۽ سهرين کي بنيادي کاڌي پيتي جي شين جي مناسب قيمت تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ??اء?? قدم کنيا پيا وڃن. ان کانسواءِ پنجاب ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي جلد تڪميل اولين ترجيح آهي، پنجاب ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني کي هر گز برداشت نه ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان کي آءِ جي پنجاب سردار علي خا?? سڄي صوبي ۾ پوليس جي اصلاحي ترجيحن تي بريفنگ ڏني. پنجاب پوليس عوام جي بنيادي مسئلن ۽ شڪايتن کي فوري طور تي حل ڪرڻ ??اء?? قدم کڻي رهي آهي، ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڏيندي چيو ته پنجاب ۾ انتظامي ڍانچي کي عوام جي سهولت ??اء?? وڌيڪ موثر بڻايو وڃي ان کانسواءِ عوام کي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي گهٽ قيمت تي يقيني بڻائي وڃي، وزيراعظم عمران خان خاص هدايت ڪئي ته عوام جي پوليس اسٽيشن تائين پهچ ۽ ان جي شڪايتن جي فوري داد رسي ??اء?? موثر ميڪنزم جوڙيو وڃي. وزيراعظم عمران خان خصوصي طور تي زور ڏنو ته پوليس ڪنهن به قسم جي سياسي وابستگي کان مٿانهون ٿي ڪري عوام جي خدمت ۽ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ??اء?? هر ممڪن قدم کڻي.