اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان افغانستان جي معاشي بهت??ي، انساني ريليف ۽ م??د جي لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو. هو قطر جي ڊپٽي وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر شيخ محمد بن عبدالرحمان آلثاني سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو، ملاقات دوران افغانستان جي ترقي ۽ پاڪستان ۽ قطر جي مختلف شعبن ۾ لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وز??راعظم ان موقعي تي قطر جي امير لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وز??راعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان افغانستان تڪرار جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار رهيو آهي، هڪ پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ اهم آهي. افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال جي حوالي سان وز??راعظم زور ڏنو ته سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ استحڪام انساني بحران جي روڪٿام ۽ معيشت جي مضبوطي انتهائي اهم آهي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي امداد انساني ريليف ۽ معاشي بهتري جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو. وز??راعظم عالمي برادري کي چيو ته اها افغانستان جي عوام سان يڪجهتي جي لاءِ اٿي بيهي ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ معاشڊي ترقي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي ۽ مثبت ڳالهيون ڪري. وز??راعظم افغان امن عمل ۾ قطر جي ڪردار کي ساراهيو. وز??راعظم ٻطرفن لاڳاپن جي ڏس ۾ قطر سان گڏيل مفاد جي لاڳاپن ??ي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش ??ي ورجايو. هن واپار، سيڙپڪا??ي، توانائي ۽ عوامي سطح تي رابطن ??ي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي قطر جي ڊپٽي وز??راعظم علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي اهم ڪردار ۽ ڪوششن کي ساراهيو. هن ٻطرفن ۽ علائقائي معاملن تي پاڪستان سان پنهنجو ويجهو رابطو برقرار رکڻ جو عزم ڪيو.