اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب س??ن پاڪستان تحريڪ انصاف جرمني جي صدر طارق ??اويد ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، جرمني ۾ رهندڙ پرڏيهي پاڪستانين جي مسئلن جي حل جي حوالي س??ن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پرڏيهي ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، انهن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ اسان جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. ٻاهرين ملڪ ۾ رهندڙ پاڪستانين عمر??ن خا?? تي اعتماد ڪندي رڪار?? پرڏيهي ناڻو پاڪستان موڪليو آهي ۽ پرڏيهي پاڪستاني روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ گهري دلچسپي وٺي رهيا آهن.