اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف جي پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري جي پڄاڻي تي گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو. گڏيل پڌرنامي موجب امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جلد کان جلد اسٽريٽجڪ حصيداري قائم ڪرڻ ??ي لاءِ قدمن، ڪاسا 1000 کي جلد مڪمل ڪرڻ، واپار، سيڙپڪ??ري?? ٽرانسپورٽ، توانائي، ثقافت ۽ سياحت ??مي?? مختلف شعبن ۾ وڏندڙ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ ريل، رستي ۽ فضائي رابطن جي وڌيڪ بهتري جي لاءِ نوان آپشنز استعمال ڪرڻ ??ي اتفاق ڪيو آهي.