لاهور – 22 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تحريڪ انصاف هڪ خاندان آهي، هر خاندان ۾ غلط فهمي ٿيندي رهندي آهي، عمران خان ج?? قيادت ۾ اسان سڀ متحد آهيون، مخالف ڌر کي غلط فهمي ٿي وڃي ٿي ته تحريڪ انصاف ۾ اختلاف پيدا ٿي ويو، اميد آهي هاڻي مخالف ڌر جون ج??مريون ختم ٿي وينديون. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن پي ٽي آءِ جي اڳواڻ نعمان لنگڙيال جي مانجهاندي ۾ شرڪت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جهانگير ترين ۽ سندس ساٿين ج?? موقف تفصيل سا?? ٻڌو، نعمان لنگڙيال سان ويجها لاڳاپا آهن، اسان ج?? وچ ۾ رابطن ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. پارٽي ۾ مسئلا ڳالهه ٻولهه سان حل ٿيندا آهن، ڪجهه مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ۾ رڪاوٽ به اچي وڃي ٿي پر وڏن معاملن تي اهي سڀ ماڻهو بلڪل واضح آهن ته تحريڪ انصاف اسان ج?? پارٽي آهي ۽ ان تي ڪنهن قسم جي ٻي راءِ نه آهي. هن چيو ته جهانگير ترين ج?? معاملي تي اڳ ۾ به اسان واضح موقف رکيو آهي، تحريڪ انصاف جي اندر نه ته جهانگير ترين کي اميد آهي ته عمران خان ان ج?? لاءِ ڪا غيرقانوني سفارش ڪندو ۽ نه ئي عمران خان ج?? اهو مزاج آهي.