اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اڄ اسان پاڪستان کي معاشي طور تي مضبوط ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ ۽ ملڪ جي بانين جي بصرت موجب جمهوري قدرن، قانون جي حڪمراني ۽ اسلامي طرز زندگي کي برقرار رکڻ جو وچن ڪريون ٿا، ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي ل??ءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو سلامتي ڪائونسل جي ل??ڳاپيل قراردادن موجب حل اهم حيثيت رکي ٿو.
قوم ڪورونا بابت سمورين احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري ته جيئن ڪورونا جي ٽئين لهر تي ضابطو آڻي سگهجي. پاڪستان ڏهاڙي 23 مارچ 2021ع جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ صدر چيو ته پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان پاڪستان جي بانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن جي خدمتن ۽ قربانين سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي ل??ءِ هڪ جدا ملڪ قائم ٿيڻ ممڪن ٿيو. اڄ اسان پاڪستان کي هڪ معاشي طور تي مضبوط ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ جي ل??ءِ پنهنجي عزم کي ورجايون ٿا. هن چيو ته ان تاريخي ڏينهن تي اسان پ??هنجي معاشري کي پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن جي ل??ءِ انسانيت دوست، ٺوس ۽ روادار بڻائڻ جي جدوجهد جاري رکڻ جو وچن ڪريون ٿا. اسان پ??هنجي ملڪ جي بانين جي بصيرت موجب پنهنجي ملڪ ۾ جمهوري قدرن، قانون جي حڪمراني ۽ اسلامي طرز زندگي کي برقرار رکڻ جو پڻ وچن ڪريون ٿا. صدر چيو ته ان ڏينهن اسان کي پنهنجي ڪشميرين ڀائرن کي به ياد رکڻ گهرجي جن کي هندستاني سيڪيورٽي فورسز 7 ڏهاڪن کان محڪوم بڻائي رکيو آهي. انهن کي بدترين ڏاڍ ۽ رياستي دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو آهي. اسان پ??هنجي ڪشميري ڀائرن جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي حمايت جاري رکڻ جو وچن ڪريون ٿا. غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي پائمالين جو دنيا کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي ل??ءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو سلامتي ڪائونسل جي ل??ڳاپيل قراردادن موجب حل اهم حيثيت رکي ٿو. صدر عارف علوي چيو ته اڄ اسان پ??هنجي هيروز خاص طور تي صحت جي شعبي سان واڳيل ڪارڪنن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي پڻ سلام پيش ڪريون ٿا، جن ڪوويڊ 19 جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي ل??ءِ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ان مشڪل وقت ۾ ماڻهن کي علاج فراهم ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. اسان پ??هنجي صحت جي شعبي جي پروفيشنلز جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيون ٿا جن ان بحران دورا?? قوم جي بي لوث خدمت ڪئي. هن چيو ته آئون پ??هنجي هم وطنن کي گذارش ??ري??ن ٿو ته ڪورونا بابت سمورين احتياطي تدبيرن تي عمل ڪن ته جيئن ڪورونا جي ٽئين لهر تي ضابطو آڻي سگهجي. مون کي يقين آهي ته اتحاد، ايمان ۽ تنظيم جي مدد سان اسان پ??هنجي راهه ۾ ايندڙ ڪنهن به چئلينج تي ضابطو آڻي سگهون ٿا.