اسلام آ??اد – 26 مارچ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون آه??. س??ي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 63 فوتگيون ٿيون جنهن مان 22 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون هيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 4 هزار 368 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 65 سيڪڙو، لاهور ۾ 54 سيڪڙو، گجرانوالا 60 سيڪڙو ۽ اسلام آ??اد ۾ 62 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 73 سيڪڙو، اسلام آ??اد ۾ 49 سيڪڙو، گجرات ۾ 95 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 42 هزار 418 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 8 هزار 506، پنجاب ۾ 17 هزار 315، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 214، اسلام آ??اد ۾ 6 هزار 733، بلوچستان ۾ 699، گلگت بلتستان ۾ 314، آزاد ڪشمير ۾ 637 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 91 هزار 145 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووي?? 19 ??و ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووي?? 19 ??ي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪووي?? 19 ??ا 380 مريض آه??. س??ي ملڪ ۾ ڪووي?? 19 ??ي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 40 هزار 120 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 6 لک 45 هزار 356 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 12 هزار 95، بلوچستان ۾ 19 هزار 427، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 983، اسلام آ??اد ۾ 54 هزار 347، خيبرپختونخواهه ۾ 82 هزار 677، پنجاب ۾ 2 لک 7 هزار 765 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 64 هزار 62 مريض آهن.