اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي ڪرسمس ڏڻ جون دلي مبارڪون ڏيندي چي?? آهي ته بين المذاهب هم آهنگي ۽ هڪٻئي ??ي عقيدن ۽ نظرين جي احترام جي ذريعي ئي امن ۽ ترقي ??ي عمل کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۽ سڄي دنيا ۾ امن جي فروغ لاءِ بين المذاهب هم آهنگي انتهائي اڻٽر آهي ۽ دنيا جا سمورا مذهب امن، محبت، برداشت ۽ انسانيت جي احترام جو سبق ڏين ٿا. پائيدار امن جي قيام لاءِ بين المذاهب مڪالمه ضروري آهي، هن چي?? ته انفرادي ۽ اجتماعي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن دنيا کي امن جو گهوارو بنائي سگهجي ۽ اهو ڏينهن ان لحاظ کان انتهائي اهم آهي ته ان ڏينهن ان عظيم مسيحا جو ظهور ٿيو جنهن انسانيت کي امن، برداشت ۽ محبت جو درس ڏنو، سينيٽ چيئرمين چي?? ته مسلمان جي حيثيت سان حضرت عي??يٰ عليه السلام الله تعاليٰ جي پيغمبر جي طور تي اسان جي لاءِ قابل قدر آهي ۽ حضرت عي??يٰ عليه السلام جو امن ۽ محبت جو پيغام ۽ تعليم اسان جي لاءِ ايتري ئي اهم آهي جيتري اسان ??ي عيسائي ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ اهميت رکندي آهي.