اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شب??ي فراز چيو آهي ته اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار انٽرويو ڏئي مڪمل طو?? تي پاڻ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، تحريڪ انصاف جو سدائين موقف رهيو آهي ته هن منظم طريقي س??ن مني لانڊرنگ ڪئي، شريف فيملي جي غيرقانوني طريقي س??ن اثاثا وڌائڻ ۾ پڻ اسحاق ڊار جو ڪردار رهيو آهي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پ??ڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي گذريل 40 سالن کان واريون وٺنديون آهن، انهن ماڻهن عوام جي ڪا خدمت ناهي ڪئي، ٻنهي پارٽين ٻنهي هٿن سان قومي ناڻي کي ڦري پنهنجا اثاثا وڌايا ۽ ملڪي معيشت تباهه ڪئي. شب??ي فراز چيو ته اڳوڻ?? حڪمرانن هر دور ۾ قانون کي غلط استعمال ڪيو.