اسلام آباد – 23 نومبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻ?? ت??بيت واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ ڪورونا ڪيسز کي نظر ۾ رکند?? ت??ليمي ادارا 26 نومبر کان 24 ڊسمبر تائين بند رهندا، جڏهن ته 25 ڊسمبر کان 10 جنوريءَ تائين سياري جون موڪلون ٿينديون. اهڙي ريت ڪي به تعليمي امتحان جيڪي رٿيل هئا، نه ٿيندا. جڏهن ته ووڪيشنل سينٽرز کليل رهندا ۽ انٽري ٽيسٽ ۽ نوڪرين لاءِ امتحانن جي اجازت هوندي، يونيورسٽيون ۽ سمورا تعليمي ادارا آن لائين تعليم ڏيندا. يونيورسٽين جي هاسٽلز ۾ هڪ ڀاڱي ٽي سيڪڙو شاگردن کي رهڻ جي اجازت هوندي. اهڙو فيصلو تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت ۾ تعلمي وار?? صوبائي وزيرن جي اين سي او سي ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس کان پوءِ وزيراعظم جي ق??مي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ شفقت محمود تفصيلن کان آگاهه ڪيو.